سلطان علي خان ٽالپر

سلطان علي خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>سلطان علي خان ٽالپر اصل حيدرآباد جو رهاڪو هو. مولانا دين محمد وفائي پنهنجي تصنيفتذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”مير سلطان علي خان بن سعيد خان ٽالپر حڪيم، فلاسافر، ماهر فلڪيات، عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو نقشبندي عالم ۽ صوفي هو. هن جي تصنيفن مان ’زيچ سلطان علي خاني‘ جو هڪ قلمي نسخو موجود آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو هندي شاستر جو پڻ عالم هو. هن پنهنجي زيچ (تقويم) سنڌ کي سامهون رکي پوءِ لکي. هن هندستان جي هندو فلسفين ۽ حڪيمن جي فلڪياتي حساب کي سامهون رکي هڪ مڪمل تقويم تيار ڪئي، اها تقويم سترهن هزار پنج سؤ سالن تي مشتمل آهي. مير سلطان علي خان جي زيچ کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته هن پنهنجي تقويم جو بنياد سنسڪرت جي مهاديوي جنتريءَ تي رکيو آهي. هي زبان ۽ اعداد دراصل الله آباد جي هڪ پنڊت کان حاصل ڪيا هئا، جيڪو سنڌ ۾ سياحت خاطر آيو هو ۽ مير سلطان علي خان وٽ بطور مهمان رهيل هو. مير صاحب جون ٻيون به تصنيفون هيون، جيڪي هن وقت ناپيد آهن. مير صاحب اها زيچ رمضان 1219هه/ڊسمبر 1804ع ۾ مڪمل ڪئي، جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته هي تيرهين صدي هجري/ اوڻيهين صدي عيسويءَ جي رجال مان هو.“


لفظ سلطان علي خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو